Luke 23:50 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ڏسو، يوسف نالي هڪڙو شخص جو مشير هو، ۽ نيڪ ۽ راستباز ماڻهو هو،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
يوسف نالي ھڪڙو ڪائونسل جو ميمبر ھو، جو نيڪ ۽ عزت وارو ماڻھو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اتي يوسف نالي هڪڙو شخص هو، جيڪو يهوديہ جي شهر ارمٿيا جو رهاڪو هو. هو يهودي پئنچائت جو نيڪ ۽ مانوارو ڪارڪن هو ۽ ايشور جي راڄ جي انتظار ۾ هو. پئنچائت جي ڪارڪن هوندي بہ هو انهن جي راءِ ۽ عمل ۾ شريڪ نہ ٿيو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اتي يوسف نالي هڪڙو شخص هو، جيڪو يهوديہ جي شهر ارمٿيا جو رهاڪو هو. هو يهودي ڪائونسل جو نيڪ ۽ عزت وارو ڪارڪن هو ۽ خدا جي بادشاهيءَ جي انتظار ۾ هو. ڪائونسل جي ڪارڪن هوندي بہ هو انهن جي راءِ ۽ عمل ۾ شريڪ نہ ٿيو هو.