Luke 24:29 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن هنن زور ڪيس تہ اسان وٽ ٽڪي پؤ، ڇالاءِ جو سانجهي ٿيڻ تي آهي، ۽ ڏينهن لڙي ويو هو. تڏهن هو ساڻن ٽڪڻ لاءِ اندر ويو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر انھن کيس پوئتي ڇڪي جھليو تہ ”اسان سان ٽڪي پئو، ڇوتہ سانجھي ٿيڻ واري آھي ۽ ڏينھن لڙي ويو آھي.“ تڏھن ھو انھن سان ٽڪڻ لاءِ گھر اندر ويو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر انهن کيس ترسڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريندي چيو تہ ”اسان سان رهي پئو، ڇو تہ سانجھي ٿيڻ واري آهي ۽ ڏينهن لڙي ويو آهي.“ تڏهن هو انهن سان رهڻ لاءِ گھر اندر ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر انهن کيس ترسڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريندي چيو تہ ”اسان سان رهي پئو، ڇو تہ سانجھي ٿيڻ واري آهي ۽ ڏينهن لڙي ويو آهي.“ تڏهن هو انهن سان رهڻ لاءِ گھر اندر ويو.