Luke 3:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي تبريس قيصر جي حڪومت جي پندرهين ورهيہ ۾، جن ڏينهن ۾ پنطيس پيلاطس يهوديہ جو حاڪم، ۽ هيروديس گليل جو حاڪم، ۽ ڀاڻس فلپس اِتوريہ ۽ ترخونيتس ملڪ جو حاڪم، ۽ لسانياس ابلينيءَ جو حاڪم هو،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تبريس قيصر جي حڪومت جو پندرھون سال ھو. انھن ڏينھن ۾ يھوديہ جو گورنر پنطيس پلاطس ھو ۽ گليل جو حاڪم ھيروديس ھو. اِيتوريا ۽ ترخونيتس جو حاڪم ھيروديس جو ڀاءُ فلپس ھو. ابلينيءَ جو حاڪم لسانياس ھو،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تبريس نالي رومي قيصر جي حڪومت جو پندرهون سال هو. انهن ڏينهن ۾ يهوديہ صوبي جو گورنر پنطيس پلاطس هو ۽ گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس هو. اِيتوريا ۽ ترخونيتس جي علائقن جو حڪمران هيروديس جو ڀاءُ فلپس هو ۽ ابليني علائقي جو حڪمران لسانياس هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)