Luke 3:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ حنا ۽ ڪائفا سردار ڪاهن هئا، تن ڏينهن ۾ خدا جو ڪلام زڪرياہ جي پٽ يوحنا تي رڻ پٽ ۾ نازل ٿيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
۽ حنا ۽ قائفا سردار ڪاھن ھئا. انھن ڏينھن ۾ خدا جو ڪلام ذڪريا جي پٽ يحيٰ تي رڻ⁠پٽ ۾ نازل ٿيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن تہ حَنا ۽ ڪائفا يهودين جا وڏا سردار ڪاهن هئا. انهن ڏينهن ۾ ايشور جو وچن زڪرياہ جي پٽ يوحنا تي پرگھٽ ٿيو، جيڪو رڻ‌پٽ ۾ رهندو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن تہ حَنا ۽ ڪائفا يهودين جا وڏا سردار ڪاهن هئا. انهن ڏينهن ۾ خدا جو ڪلام زڪرياہ جي پٽ يحيٰ تي نازل ٿيو، جيڪو رڻ‌پٽ ۾ رهندو هو.