Luke 3:4 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيئن ڪ يسعياہ نبيءَ جي ڪلام جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، ”تہ رڻ پٽ ۾ هڪڙي منادي ڪرڻ واري جو آواز ٿو اچي، تہ خداوند جو رستو تيار ڪريو، ۽ سندس واٽون سنيون ڪريو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيئن يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ ”رڻ⁠پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو. ھن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهڙيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي هيءَ لکت پوري ٿي تہ ”رڻ‌پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’پرڀوءَ لاءِ رستو تيار ڪريو. هائو، هن جي لاءِ واٽ سڌي ڪريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهڙيءَ طرح يسعياہ نبيءَ جي هيءَ لکت پوري ٿي تہ ”رڻ‌پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’ خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو. هائو، هن جي لاءِ واٽ سڌي ڪريو.