Luke 3:8 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري توبهہ جي لائق ڦل اُپايو، ۽ پنهنجي دل ۾ ائين چوڻ جي نہ ڪريو تہ ابراهيم اسان جو پيءُ آهي: ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا هنن پهڻن مان ابراهيم لاءِ ٻار پيدا ڪري ٿو سگهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوھان سچپچ پنھنجن گناھن تي پڇتايو آھي. پاڻ ۾ ائين نہ چئو تہ ’اسين ابراھيم جو اولاد آھيون.‘ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھنن پٿرن مان بہ خدا ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ لاءِ اوهين وڃي اهڙا ڪم ڪريو جن مان سڌ پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن پاپن تي پڇتايو آهي. اوهين ائين بہ نہ سوچو تہ ’اسين ابرهام جو اولاد آهيون تنهنڪري بچي وينداسين.‘ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايشور هنن پٿرن مان بہ ابرهام لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ لاءِ اوهين وڃي اهڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن گناهن تي پڇتايو آهي. اوهين ائين بہ نہ سوچو تہ ’اسين ابراهيم جو اولاد آهيون تنهنڪري بچي وينداسين.‘ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا هنن پٿرن مان بہ ابراهيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.