Luke 4:25 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايلياہ جي ڏينهن ۾ جڏهن ساڍا ٽي ورهيہ آسمان پوريو پيو هو، ۽ سڄي ملڪ ۾ ڏڪر هو، تڏهن اسرائيل ۾ گهڻيئي بيوهہ زالون هيون،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جڏھن الياس نبيءَ جي ڏينھن ۾ ساڍا ٽي سال آسمان مان بوند نہ پيئي ۽ ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو، تڏھن جيتوڻيڪ اسرائيل ۾ بہ ڪيتريون ئي رنون⁠زالون ھيون،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جي ڏينهن ۾ ساڍن ٽن سالن تائين آڪاش مان برسات جي هڪ ڦڙي بہ نہ پيئي، ايتري قدر جو پوري اسرائيل ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو. ان وقت توڙي جو ملڪ ۾ ڪيتريون ئي وڌوائون هيون،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ الياس نبيءَ جي ڏينهن ۾ ساڍن ٽن سالن تائين آسمان مان برسات جي هڪ ڦڙي بہ نہ پيئي، ايتري قدر جو پوري اسرائيل ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو. ان وقت توڙي جو ملڪ ۾ ڪيتريون ئي رنون‌زالون هيون،