Luke 4:27 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اليشع نبيءَ جي ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ گهڻيئي ڪوڙهيا هئا، پر منجهانئن سوريہ جي ويٺل نعمان کانسواءِ ڪنهن بہ شفا ڪانہ پاتي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اليشع نبيءَ جي ڏينھن ۾ اسرائيل ۾ ڪيترائي ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا ھئا پر انھن مان ڪنھن کي بہ شفا ڪانہ ملي، بلڪ رڳو نعمان شاميءَ کي ملي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ساڳيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنت اليشع جي ڏينهن ۾ اسرائيل ملڪ ۾ ڪيترائي ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا هئا، پر انهن مان ڪنهن کي بہ ڇٽائي چڱو ڀلو نہ ڪيو ويو، بلڪ رڳو شام ملڪ جي رهندڙ نعمان کي ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ويو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ساڳيءَ طرح اليشع نبيءَ جي ڏينهن ۾ اسرائيل ملڪ ۾ ڪيترائي ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا هئا، پر انهن مان ڪنهن کي بہ شفا ڪانہ ڏني ويئي، بلڪ رڳو شام ملڪ جي رهندڙ نعمان کي ئي شفاياب ڪيو ويو.“