Luke 4:36 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ سڀني کي عجب لڳو، ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هي ڪهڙو ڪلام آهي؟ ڇالاءِ جو هو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي، ۽ اُهي نڪريو اچن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي ڪھڙو ڪلام آھي؟ ڇالاءِجو ھو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اھي نڪري وڃن ٿا.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو ڏسي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ هو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪهڙي قسم جو ڳالهائڻ آهي، جو هو اختياريءَ ۽ شڪتيءَ سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي نڪري وڃن ٿا؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو ڏسي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ هو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪهڙي قسم جو ڳالهائڻ آهي، جو هو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي نڪري وڃن ٿا؟“