Luke 4:40 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ سج لهڻ مهل جن ماڻهن وٽ طرح طرح جي مرضن ۾ ورتل بيمار هئا، سي سڀيئي انهن کي وٽس وٺي آيا، ۽ هن هرهڪ تي هٿ رکي کين چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سج لھڻ مھل ماڻھو انھن سڀني کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين جا مريض ھئا. عيسيٰ انھن مان ھر ھڪ کي پنھنجو ھٿ لاتو تہ اھي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سج لهڻ مهل ماڻهو انهن سڀني مريضن کي يسوع وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين ۾ ورتل هئا. يسوع انهن مان هر هڪ کي پنهنجو هٿ لاتو تہ اهي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سج لهڻ مهل ماڻهو انهن سڀني مريضن کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين ۾ ورتل هئا. عيسيٰ انهن مان هر هڪ کي پنهنجو هٿ لاتو تہ اهي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا.