Luke 4:41 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ڪيترن مان ڀوت پڻ نڪتا، جن واڪو ڪري پئي چيو تہ تون خدا جو فرزند آهين. پر هن دڙڪو ڏيئي ڳالهائڻ کان روڪين: ڇالاءِ جو اُنهن کي خبر هئي تہ هو مسيح آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت نڪري ويا ۽ واڪا ڪندا ويا تہ ”تون خدا جو فرزند آھين،“ ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي خبر ھئي تہ ھو مسيح آھي. پر عيسيٰ انھن کي جھڻڪيندي چيو تہ ھو ائين نہ چون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي سان هي چوندي نڪري ويا تہ ”تون ايشور جو پٽ آهين،“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو مسيح آهي. پر يسوع انهن کي دڙڪو ڏيندي منع ڪئي تہ هو ائين نہ چون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي سان هي چوندي نڪري ويا تہ ”تون خدا جو فرزند آهين،“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو مسيح آهي. پر عيسيٰ انهن کي دڙڪو ڏيندي منع ڪئي تہ هو ائين نہ چون.