Luke 5:12 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو جو هو هڪڙي شهر ۾ هو، تہ ڏسو، ڪو شخص جو سڄو ڪوڙهہ سان ڀريل هو، تنهن يسوع کي ڏسي پيرين پئي کيس نيزاري ڪري چيو تہ اي خداوند، جيڪڏهن تنهنجي مرضي هجي تہ مون کي ڇُٽائي پاڪ صاف ڪري ٿو سگهين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھڪ دفعي عيسيٰ ڪنھن شھر ۾ ويو جتي ھڪ ماڻھو ڪوڙھہ جھڙي مرض سان ورتل ھو. ھن جڏھن عيسيٰ کي ڏٺو تہ ان جي اڳيان منھن ڀر ڪري نيزاري ڪري چيائينس تہ ”اي سائين! جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هڪ دفعي يسوع ڪنهن شهر ۾ ويو جتي هڪ ماڻهو ڪوڙهہ جهڙي مرض سان ورتل هو. هن جڏهن يسوع کي ڏٺو تہ ان جي اڳيان منهن ڀر ڪري منٿون ڪندي چيائينس تہ ”اي سوامي! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پوِتر ڪري سگھو ٿا.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هڪ دفعي عيسيٰ ڪنهن شهر ۾ ويو جتي هڪ ماڻهو ڪوڙهہ جهڙي مرض سان ورتل هو. هن جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو تہ ان جي اڳيان منهن ڀر ڪري منٿون ڪندي چيائينس تہ ”اي سائين! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ ڪري سگھو ٿا.“