Luke 5:17 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اُنهي وقت هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو، جو تعليم ويٺي ڏنائين، ۽ فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا هئا، جي گليل ۽ يهوديہ جي هر ڪنهن ڳوٺ ۽ يروشلم مان آيا هئا: ۽ صحت ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت وٽس موجود هئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھڪڙي ڏينھن عيسيٰ تعليم ڏيئي رھيو ھو تہ ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا ھئا، جيڪي گليل ۽ يھوديہ جي ھر ڳوٺ ۽ يروشلم کان آيا ھئا. بيمارن کي شفا ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت عيسيٰ سان ساڻ ھئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هڪڙي ڏينهن يسوع ڪنهن گھر ۾ سکيا ڏيئي رهيو هو ۽ ڪي فريسي ۽ نيم شاستري بہ اتي ويٺا هئا، جيڪي يروشلم شهر سميت يهوديہ ۽ گليل علائقن جي هر ڳوٺ ۽ شهر کان آيا هئا. جيئن تہ بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ پرميشور جي شڪتي يسوع سان گڏ هوندي هئي،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هڪڙي ڏينهن عيسيٰ ڪنهن گھر ۾ تعليم ڏيئي رهيو هو ۽ ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا هئا، جيڪي يروشلم شهر سميت يهوديہ ۽ گليل علائقن جي هر ڳوٺ ۽ شهر کان آيا هئا. جيئن تہ بيمارن کي شفا ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت عيسيٰ سان گڏ هوندي هئي،