Luke 5:30 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ فريسي ۽ سندن فقيهہ، سندس شاگردن تي ڪُرڪي چوڻ لڳا تہ اوهين ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿا کائو پيئو؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڪن فريسين ۽ سندن شريعت جي عالمن عيسيٰ جي شاگردن تي ڪُرڪي کين چيو تہ ”ڇو اوھين محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن ڪن فريسين ۽ سندن نيم شاسترين ڪُرڪندي يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”ڇو اوهين ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن ڪن فريسين ۽ سندن شريعت جي عالمن ڪُرڪندي عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”ڇو اوهين ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“