Luke 5:33 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن اُنهن چيس تہ يوحنا جا شاگرد اڪثر روزا رکندا آهن، ۽ دعائون گهُرندا آهن؛ ۽ فريسين جا شاگرد بہ ائين ڪندا آهن، پر تنهنجا شاگرد تہ پيا کائين پيئن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڪن ماڻھن عيسيٰ کي چيو تہ ”يحيٰ جا شاگرد اڪثر روزا رکندا آھن ۽ دعائون گھرندا آھن ۽ فريسين جا شاگرد بہ ائين ڪندا آھن. پر تنھنجا شاگرد تہ کائين پيئن ٿا.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڪن ماڻهن يسوع کي چيو تہ ”يوحنا جا چيلا اڪثر وِرت رکندا آهن ۽ پرارٿنائون ڪندا آهن ۽ فريسين جا چيلا بہ ائين ڪندا آهن. پر تنهنجا چيلا تہ کائيندا پيئندا ٿا رهن.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڪن ماڻهن عيسيٰ کي چيو تہ ” يحيٰ جا شاگرد اڪثر روزا رکندا آهن ۽ دعائون گھرندا آهن ۽ فريسين جا شاگرد بہ ائين ڪندا آهن. پر تنهنجا شاگرد تہ کائيندا پيئندا ٿا رهن.“