Luke 6:1 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هڪڙي سبت جي ڏينهن هيئن ٿيو جو اَن جي ٻنين مان پئي لنگهيو، تڏهن سندس شاگرد سنگ پَٽي هٿن سان مهٽي کائڻ لڳا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ سبت جي ڏينھن پنھنجن شاگردن سان گڏ اَنَ وارين ٻنين مان پئي لنگھيو. سندس شاگرد سنگ پٽي ھٿن سان مھٽي ان کائڻ لڳا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سبت واري هڪ ڏينهن يسوع جڏهن پنهنجي چيلن سان گڏ اناج وارين ٻنين مان پئي لنگھيو، تہ سندس ڪي چيلا سنگ پٽي هٿن سان مهٽي کائڻ لڳا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سبت واري هڪ ڏينهن عيسيٰ جڏهن پنهنجي شاگردن سان گڏ اناج وارين ٻنين مان پئي لنگھيو، تہ سندس ڪي شاگرد سنگ پٽي هٿن سان مهٽي کائڻ لڳا.