Luke 6:17 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اُنهن سان گڏ هيٺ لهي هڪڙي ميدان ۾ اچي بيٺو، ۽ سندس شاگردن جي وڏي جماعت، ۽ سڄي يهوديہ ۽ يروشلم، ۽ صور ۽ صيدا جي سمنڊ جي ڀر مان ماڻهن جي وڏي خلق آئي، تہ سندس ڳالهيون ٻُڌن، ۽ پنهنجين بيمارين کان شفا پائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ ھنن سان گڏ جبل تان ھيٺ لھي ھڪ ميدان ۾ اچي بيٺو. سندس شاگردن جي وڏي جماعت ۽ سڄي يھوديہ، يروشلم، صور ۽ صيدا جي سامونڊي ڪناري کان گھڻا ماڻھو اچي مڙيا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع هنن سان گڏ جبل تان هيٺ لهي هڪ ميدان ۾ اچي بيٺو. سندس پوئلڳن جي وڏي ٽولي ۽ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ سان گڏوگڏ صور ۽ صيدا جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن کان گھڻا ماڻهو اچي اتي مڙيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ هنن سان گڏ جبل تان هيٺ لهي هڪ ميدان ۾ اچي بيٺو. سندس شاگردن جي وڏي جماعت ۽ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ سان گڏوگڏ صور ۽ صيدا جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن کان گھڻا ماڻهو اچي اتي مڙيا.