Luke 6:23 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي ڏينهن اوهين سرها ٿجو، ۽ خوشيءَ وچان ٽپا ڏجو: جو ڏسو تہ آسمان ۾ اوهان جو اجر وڏو آهي: ڇو تہ هنن جا ابا ڏاڏا بہ نبين سان اهڙا ئي ساڳيا پار هليا هئا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ ڏينھن توھين سرھا ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو بھشت ۾ توھان لاءِ وڏو اجر آھي. انھن جي ابن ڏاڏن بہ نبين سان اھڙا ئي پير کنيا ھئا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ ڏينهن اوهين سرها ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو ايشور وٽ اوهان لاءِ وڏو لاڀ آهي. ڏسو، انهن ماڻهن جي ابن ڏاڏن بہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنتن سان اهڙا ئي پير کنيا هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ڏينهن اوهين سرها ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو عرش عظيم تي اوهان لاءِ وڏو اجر آهي. ڏسو، انهن ماڻهن جي ابن ڏاڏن بہ نبين سان اهڙا ئي پير کنيا هئا.