Luke 6:34 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جن کان وري وٺڻ جي اُميد اٿوَ، تن کي جيڪڏهن اُڌارو ڏنوَ تہ اوهان ڪهڙو ٿورو لهڻو؟ ڇو تہ گنهگار بہ گنهگارن کي اُڌارو ڏيندا آهن، تہ کانئن وري اوترو ئي موٽائي وٺن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جن کان موٽائي وٺڻ جي اميد آھي تن کي جيڪڏھن توھان اڌارو ڏنو تہ ڪھڙي مھرباني ٿي؟ گنھگار بہ تہ گنھگارن کي اڌارو ڏيئي وري انھن کان موٽائي وٺندا آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جن کان موٽائي وٺڻ جي اميد آهي تن کي جيڪڏهن اوهان اڌارو ڏنو تہ ڪهڙو احسان ڪيو؟ پاپي بہ تہ پاپين کي اڌارو ڏيئي وري انهن کان موٽائي وٺندا آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جن کان موٽائي وٺڻ جي اميد آهي تن کي جيڪڏهن اوهان اڌارو ڏنو تہ ڪهڙو احسان ڪيو؟ گنهگار بہ تہ گنهگارن کي اڌارو ڏيئي وري انهن کان موٽائي وٺندا آهن.