Luke 6:38 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڏيندا رهو تہ اوهان کي بہ ٽمٽار ملندو، چڱو ماڻ دٻي دٻي، لوڏي لوڏي، وهندڙ ڪري اوهان جي جهول ۾ ڏيندا. ڇوتہ جنهن ماڻ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن ئي ماڻ سان موٽي اوهان کي مئجي ملندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ٻين کي ڏيندا رھو تہ توھان کي بہ ملندو ۽ توھان کي واپسيءَ ۾ چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وھندڙ ڪري جھول ۾ ملندو، ڇوتہ جنھن ماپي سان توھين ڏيندا آھيو، تنھن ماپي سان ئي توھان کي ماپجي ملندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ٻين کي ڏيندا رهو تہ ايشور کان اوهان کي بہ ملندو، بلڪ واپسيءَ ۾ اوهان کي چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وهندڙ ڪري جھول ۾ وڌو ويندو. ياد رکو، جهڙي ماپي سان اوهين ڏيندا، ايشور کان تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي ماپجي ملندو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ٻين کي ڏيندا رهو تہ خدا کان اوهان کي بہ ملندو، بلڪ واپسيءَ ۾ اوهان کي چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وهندڙ ڪري جھول ۾ وڌو ويندو. ياد رکو، جهڙي ماپي سان اوهين ڏيندا، خدا کان تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي ماپجي ملندو.“