Luke 6:42 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
يا ڪيئن تون پنهنجي ڀاءُ کي چوندين، تہ ادا، مون کي تنهنجي اک مان ڪٽر ڪڍڻ ڏي، جڏهن تنهنجي اک ۾ جو شهتير پيو آهي سو نٿو ڏسين؟ اي رياڪار، پهريائين تون پنهنجي اک مان شهتير ڪڍ، تہ پوءِ پنهنجي ڀاءُ جي اک جو ڪٽر صاف ڏسي ڪڍي سگهندين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تون ڪيئن ان کي چوندين تہ ’مون کي پنھنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏھن تہ پنھنجي اک ۾ شھتير پيل اٿيئي، سو بہ نہ ٿو ڏسي سگھين؟ اي رياڪار! پھريائين تون پنھنجيءَ اک مان شھتير ڪڍ، تڏھن تون ڪنھن ٻئي جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ۽ ڪڍي سگھندين.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهين ڪيئن ان کي چوندا تہ ’پنهنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏهن تہ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، تنهن کي نہ ٿا ڏسو. اي پاکنڊيو! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو، تڏهن اوهين پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين ڪيئن ان کي چوندا تہ ’پنهنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏهن تہ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، تنهن کي نہ ٿا ڏسو. اي رياڪارؤ! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو، تڏهن اوهين پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.“