Luke 6:48 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
اُهو اُنهي ماڻهوءَ جي مثل آهي جنهن گهر اڏائڻ مهل هيٺ اونهو کوٽيو، ۽ ٽڪر تي پيڙهہ وڌائين: ۽ جڏهن اُٿل آئي، تڏهن نئين اُنهيءَ گهر تي اچي سٽڪا لاتا، ۽ اُن کي لوڏو ئي ڪين آيو، ڇوتہ سندس پيڙهہ ٽڪر تي هئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھو انھيءَ ماڻھوءَ جي مثل آھي جنھن گھر اڏائڻ وقت اونھو کوٽيو ۽ ٽڪر تي پيڙھہ وڌائين. پوءِ جڏھن ٻوڏ آئي تہ درياءَ انھيءَ گھر کي سٽون ڏنيون پر ان کي لوڏو ئي نہ آيو، ڇاڪاڻ⁠تہ گھر مضبوط اڏيل ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو انهيءَ ماڻهوءَ مثل آهي جنهن گھر اڏائڻ وقت زمين اونهي کوٽي ٽڪر تي پيڙهہ رکي. پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي تہ درياءَ انهيءَ گھر کي سٽون ڏنيون پر ان کي لوڏي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ گھر مضبوط اڏيل هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو انهيءَ ماڻهوءَ مثل آهي جنهن گھر اڏائڻ وقت زمين اونهي کوٽي ٽڪر تي پيڙهہ رکي. پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي تہ درياءَ انهيءَ گھر کي سٽون ڏنيون پر ان کي لوڏي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ گھر مضبوط اڏيل هو.