Luke 6:49 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جيڪو ٻُڌي ٿو ۽ عمل نٿو ڪري، سو اُنهي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پيڙهہ کانسواءِ زمين تي گهر اڏايو، ۽ جڏهن نئين مٿس اچي سٽڪا لاتا، تڏهن اُهو يڪدم ڪِري پيو ۽ بلڪل برباد ٿي ويو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جيڪو منھنجو ڪلام ٻڌي ٿو ۽ ان تي عمل نہ ٿو ڪري، اھو انھيءَ ماڻھوءَ مثل آھي جنھن زمين تي پيڙھہ کان سواءِ گھر اڏايو ۽ جڏھن ٻوڏ آئي ۽ ان کي سٽ ڏنائين تہ ڦَھہ ڪري ڪري پيو ۽ تباھہ ٿي ويو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، سو انهيءَ ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پيڙهہ رکڻ کان سواءِ گھر اڏايو ۽ جڏهن ٻوڏ آئي ۽ ان کي سٽ ڏنائين تہ اهو ڦَهہ ڪري ڪري پيو ۽ تباهہ وَ برباد ٿي ويو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، سو انهيءَ ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پيڙهہ رکڻ کان سواءِ گھر اڏايو ۽ جڏهن ٻوڏ آئي ۽ ان کي سٽ ڏنائين تہ اهو ڦَهہ ڪري ڪري پيو ۽ تباهہ وَ برباد ٿي ويو.“