Luke 6:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
فقيهن ۽ فريسين ويٺي نهاريس تہ ڏسون تہ سبت جي ڏينهن ڇُٽائي ٿو يا نہ، تہ مٿس تهمت آڻڻ جو وجهہ مليئون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڪي شريعت جا عالم ۽ فريسي انھيءَ موقعي جي تاڙ ۾ ھئا تہ عيسيٰ تي تھمت ھڻجي. انھيءَ لاءِ ھو اھو جانچي رھيا ھئا تہ آيا سبت جي ڏينھن ھو ڪنھن ماڻھوءَ کي ڇٽائي ٿو يا نہ.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن تہ ڪي نيم شاستري ۽ فريسي انهيءَ موقعي جي تاڙ ۾ رهندا هئا تہ يسوع تي تهمت هڻجي، سو هو جاچڻ لڳا تہ سبت جي ڏينهن يسوع ڪنهن ماڻهوءَ کي ڇٽائي ٿو يا نہ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ شريعت جا ڪي عالم ۽ فريسي انهيءَ موقعي جي تاڙ ۾ رهندا هئا تہ عيسيٰ تي تهمت هڻجي، سو هو جاچڻ لڳا تہ سبت جي ڏينهن عيسيٰ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڇٽائي ٿو يا نہ.