Luke 7:22 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
يسوع وراڻي ڏيئي چين، تہ جيڪي ڳالهيون اوهان ڏٺيون ۽ ٻُڌيون آهن، سي يوحنا کي وڃي ٻڌايو؛ تہ انڌا ڏسن ٿا، ۽ منڊا هلن ٿا، ۽ ڪوڙهيا پاڪ صاف پيا ٿين، ۽ ٻوڙا ٻُڌن ٿا، ۽ مئل جي اُٿن ٿا، ۽ غريبن کي خوشخبري ٻُڌائي ٿي وڃي،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ چين تہ ”جيڪي ڪجھہ اوھان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا ھلن ٿا، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا پاڪ صاف ٿين پيا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مُڙدا جيئرا ٿين ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو يسوع انهن کي وراڻي ڏيندي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهان ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو يوحنا کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پوِتر ڪيا پيا وڃن، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيوت ڪيا پيا وڃن ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو عيسيٰ انهن کي وراڻي ڏيندي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهان ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا پيا وڃن، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا پيا وڃن ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.