Luke 7:37 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تہ ڏسو اُنهي شهر جي هڪڙي زال جا گنهگار هئي، تنهن کي جڏهن سُڌ پئي تہ هو فريسيءَ جي گهر ماني ويٺو کائي، تڏهن سنگ مرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ شھر ۾ ھڪڙي گنھگار عورت رھندي ھئي. تنھن کي جڏھن اھا خبر پيئي تہ عيسيٰ ھڪڙي فريسيءَ جي گھر ماني ويٺو کائي، تڏھن ھوءَ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ شهر ۾ هڪڙي پاپڻ ناري رهندي هئي. تنهن کي جڏهن اها خبر پيئي تہ يسوع هڪڙي فريسيءَ جي گھر رسوئي کائي ٿو پيو، تڏهن هوءَ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ شهر ۾ هڪڙي گنهگار عورت رهندي هئي. تنهن کي جڏهن اها خبر پيئي تہ عيسيٰ هڪڙي فريسيءَ جي گھر ماني کائي ٿو پيو، تڏهن هوءَ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي.