Luke 7:38 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ سندس پيرن وٽ پٺيانئس بيهي ڳوڙها ڳاڙي، سندس پير ڌوئڻ لڳي ۽ پنهنجي مٿي جي وارن سان انهن کي اُگهيائين؛ ۽ سندس پير چُمي، انهن تي عطر مکيائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
۽ عيسيٰ جي پيرن وٽ پٺيان بيھي پنھنجن ڳوڙھن سان عيسيٰ جا پير آلا ڪيائين ۽ پنھنجن وارن سان انھن کي اُگھيائين ۽ سندس پير چمي انھن تي عطر مکيائين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هوءَ يسوع جي پيرن وٽ بيهي روئڻ لڳي ۽ پنهنجي ڳوڙهن سان يسوع جا پير آلا ڪيائين. پوءِ پنهنجي وارن سان انهن کي اُگھي چميون ڏيندي ۽ انهن تي عطر مکيندي رهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هوءَ عيسيٰ جي پيرن وٽ بيهي روئڻ لڳي ۽ پنهنجي ڳوڙهن سان عيسيٰ جا پير آلا ڪيائين. پوءِ پنهنجي وارن سان انهن کي اُگھي چميون ڏيندي ۽ انهن تي عطر مکيندي رهي.