Luke 7:39 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ جنهن فريسيءَ سندس دعوت ڪئي هئي سو هيءُ ڏسي پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳو، تہ جيڪڏهن هي شخص نبي هجي ها تہ جيڪر سهي ڪري ها، تہ هيءَ جا مون کي هٿ ٿي لائي سا ڪير آهي، ۽ ڪهڙي قسم جي زال آهي، جو هوءَ تہ گنهگار آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي فريسي، جنھن عيسيٰ جي دعوت ڪئي ھئي سو ھي ڏسي پنھنجي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏھن ھي شخص نبي ھجي ھا تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ھا تہ ھيءَ عورت جيڪا کيس ھٿ ٿي لائي سا ڪھڙي قسم جي آھي، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ تہ گنھگار آھي!“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي فريسي، جنهن يسوع جي رسوئي ڪئي هئي سو هي ڏسي پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن هي شخص ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هجي ها تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ها تہ هيءَ ناري جيڪا کيس هٿ ٿي لائي سا ڪهڙي قسم جي آهي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ تہ پاپڻ آهي!“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي فريسي ، جنهن عيسيٰ جي دعوت ڪئي هئي سو هي ڏسي پنهنجيءَ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن هي شخص نبي هجي ها تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ها تہ هيءَ عورت جيڪا کيس هٿ ٿي لائي سا ڪهڙي قسم جي آهي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ تہ گنهگار آهي!“