Luke 7:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
يسوع ساڻن گڏجي ويو، پر جڏهن گهر جي ويجهو آيو، تڏهن صوبيدار پنهنجن دوستن هٿان چوائي موڪليس، تہ اي خداوند، تڪليف نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ آئون انهيءَ لائق نہ آهيان جو تون منهنجي پَکي هيٺ اچين:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ انھن ماڻھن سان گڏجي ھليو. اڃا صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پھتو تہ ھن کيس پنھنجن ماڻھن ھٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سائين! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انھن ڳُڻن لائق نہ آھيان جو اوھين منھنجي جھوپڙيءَ ۾ اچو،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن يسوع انهن ماڻهن سان گڏجي هليو. اڃا هو صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پهتو تہ صوبيدار کيس پنهنجي ماڻهن هٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سوامي! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن عيسيٰ انهن ماڻهن سان گڏجي هليو. اڃا هو صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پهتو تہ صوبيدار کيس پنهنجي ماڻهن هٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سائين! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو،