Luke 8:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن کانپوءِ جلد ئي هيئن ٿيو تہ هو شهر شهر، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ منادي ڪندو، ۽ خدا جي بادشاهت جي خوشخبري ٻڌائيندو پئي گهُميو، ۽ اُهي ٻارهن بہ ساڻس گڏ هئا،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن کان پوءِ ھيئن ٿيو جو عيسيٰ شھر شھر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ تبليغ ڪندو ۽ خدا جي بادشاھت جي خوشخبري ٻڌائيندو پئي گھميو. ٻارھن شاگرد بہ ساڻس گڏ ھئا،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو يسوع شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو پئي وتيو. سندس ٻارهن چيلا بہ ساڻس گڏ هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو عيسيٰ شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو پئي وتيو. سندس ٻارهن شاگرد بہ ساڻس گڏ هئا.