Luke 8:12 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪي گس تي ڪِريا، سي اُهي آهن جن ٻُڌو آهي، پوءِ شيطان اچي اُنهي ڪلام کي سندن دل مان ڪڍيو وڃي، تہ متان ايمان آڻين ۽ نجات ملين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪي رستي تي ڪريا تنھن رستي جي معنيٰ اُھي ماڻھو آھن جيڪي ٻڌن ٿا، پوءِ شيطان اچي انھيءَ ڪلام کي سندن دلين مان ڪڍي ٿو تہ متان اھي ايمان آڻين ۽ کين ڇوٽڪارو ملي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪي داڻا رستي تي ڪريا تنهن رستي جي معنيٰ اُهي ماڻهو آهن جيڪي سنديش ٻڌن ٿا، پوءِ شيطان اچي انهيءَ سنديش کي سندن دلين مان ڪڍي ٿو تہ متان اهي ان تي وشواس آڻي بچي وڃن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪي داڻا رستي تي ڪريا تنهن رستي جي معنيٰ اُهي ماڻهو آهن جيڪي پيغام ٻڌن ٿا، پوءِ ابليس اچي انهيءَ پيغام کي سندن دلين مان ڪڍي ٿو تہ متان اهي ان تي ايمان آڻي بچي وڃن.