Luke 8:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهن ڏينهن ۾ هڪڙي ڀيري هيئن ٿيو، تہ هو پاڻ ۽ سندس شاگرد ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، ۽ اُنهن کي چيائين تہ هلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر هلون: ۽ اهي ٻيڙي ڇوڙي اُٿي هليا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھڪڙي ڏينھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن سميت ٻيڙيءَ ۾ گھڙي آيو ۽ کين چيائين تہ ”ھلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر ھلون.“ سو ھو ٻيڙي ڇوڙي روانا ٿيا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هڪڙي ڏينهن يسوع پنهنجي چيلن سميت ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو ۽ کين چيائين تہ ”هلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر هلون.“ سو هو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي روانا ٿيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هڪڙي ڏينهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن سميت ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو ۽ کين چيائين تہ ”هلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر هلون.“ سو هو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي روانا ٿيا.