Luke 8:24 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن وٽس اچي جاڳائي چيائونس، تہ اي سائين، اي سائين، اسين تہ ٻُڏي وياسين. تنهن تي هو اُٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي لهرن کي جهڻڪيائين: جنهن ڪري اُهي بيهي ويا، ۽ نوائي ٿي ويئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تڏھن اھي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کيس جاڳائي چيائون تہ ”اي سائين! اي سائين! اسين تہ ٻڏڻ تي آھيون.“ تنھن تي ھو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنھن تي طوفان بيھجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن انهن يسوع کي جاڳائيندي چيو تہ ”گرو! اي گرو! اسين تہ ٻڏڻ تي آهيون.“ تنهن تي هو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنهن تي طوفان بيهجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن انهن عيسيٰ کي جاڳائيندي چيو تہ ”استاد! اي استاد! اسين تہ ٻڏڻ تي آهيون.“ تنهن تي هو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنهن تي طوفان بيهجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي.