Luke 8:25 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اُنهن کي چيائين تہ اوهان جو ايمان ڪيڏانهن ويو؟ ۽ اُهي ڊڄي ويا، ۽ عجب ۾ پئجي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪير آهي، جو واءُ ۽ پاڻيءَ کي بہ حڪم ٿو ڪري ۽ اُهي مڃينس ٿا؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو ايمان ڪٿي آھي؟“ تنھن تي اھي ڊڄي ويا ۽ عجب وچان ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ھوا ۽ پاڻيءَ کي حڪم ٿو ڪري تہ اھي بہ کيس مڃن ٿا!“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن يسوع چيلن کي چيو تہ ”اوهان جو وشواس ڪٿي آهي؟“ اهو ڏسي سڀيئي چيلا ڏاڍو ڊڄي ويا ۽ عجب وچان هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻيءَ کي حڪم ٿو ڪري تہ اهي بہ کيس مڃن ٿا!“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوهان جو ايمان ڪٿي آهي؟“ اهو ڏسي سڀيئي شاگرد ڏاڍو ڊڄي ويا ۽ عجب وچان هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻيءَ کي حڪم ٿو ڪري تہ اهي بہ کيس مڃن ٿا!“