Luke 8:28 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن يسوع کي ڏٺائين، تڏهن کيس پيرين پئي وڏي سڏ رڙ ڪري چيائين، تہ اي يسوع، خدا تعاليٰ جا فرزند، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ آئون توکي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن عيسيٰ کي ڏٺائين تڏھن رڙ ڪري سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ واڪو ڪري چيائينس تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! مون سان تنھنجو ڪھڙو واسطو؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هن جڏهن يسوع کي ڏٺو تڏهن رڙيون ڪندي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳس تہ ”اي يسوع، مهان ايشور جا پٽ! مون سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو تڏهن رڙيون ڪندي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳس تہ ”اي عيسيٰ ، خدا تعاليٰ جا فرزند! مون سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“