Luke 8:29 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇوتہ هن انهي ڀوت کي حڪم ڪيو هو تہ هن ماڻهوءَ مان نڪري وڃ: ڇالاءِ جو اڪثر اُهو ڀوت اُنهي کي اچي جهليندو هو، ۽ ماڻهو کيس زنجيرن ۽ نيئرن سان ٻَڌي قابو رکندا هئا، پر هو زنجيرن کي ڀڃي وجهندو هو، ۽ ڀوت کيس رڻ پٽ ۾ ڪاهي ويندو هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ انھيءَ ڀوت کي حڪم ڪيو ھو تہ ”ھن ماڻھوءَ مان نڪري وڃ.“ اھو ڀوت اڪثرانھيءَ کي وٺندو ھو ۽ ماڻھو کيس زنجيرن ۽ ٻيڙين سان ٻڌي قابو ڪندا ھئا، پر ھو زنجيرن کي ٽوڙي وجھندو ھو ۽ ڀوت کيس رڻ⁠پٽ ۾ گھلي ويندو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو يسوع انهيءَ ڀوت کي حڪم ڪيو هو تہ ”هن ماڻهوءَ مان نڪري وڃ.“ اهو ڀوت اڪثر انهيءَ کي وٺندو هو ۽ ماڻهو کيس زنجيرن ۽ ڪڙن سان ٻڌي مٿس نظر رکندا هئا، پر هو زنجيرن کي ٽوڙي وجھندو هو ۽ ڀوت کيس رڻ‌پٽ ۾ گهليندو وتندو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو عيسيٰ انهيءَ ڀوت کي حڪم ڪيو هو تہ ”هن ماڻهوءَ مان نڪري وڃ.“ اهو ڀوت اڪثر انهيءَ کي وٺندو هو ۽ ماڻهو کيس زنجيرن ۽ ڪڙن سان ٻڌي مٿس نظر رکندا هئا، پر هو زنجيرن کي ٽوڙي وجھندو هو ۽ ڀوت کيس رڻ‌پٽ ۾ گهليندو وتندو هو.