Luke 8:41 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ڏسو، يائرس نالي هڪڙو ماڻهو جو عبادتخاني جو سردار هو، سو آيو، ۽ يسوع کي پيرين پئي عرض ڪيائينس تہ منهنجي گهر هل؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ان وقت عبادت⁠خاني جو اڳواڻ، جنھن جو نالو يائرس ھو سو نڪري آيو ۽ عيسيٰ کي پيرين پئي عرض ڪيائين تہ ”منھنجي گھر ھلو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ان وقت يائرس نالي هڪڙو شخص جيڪو يهودين جي مقامي ڀڳتيءَ واري جاءِ جو اڳواڻ هو، سو يسوع وٽ اچي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ کيس وينتي ڪيائين تہ ”منهنجي گھر هلو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ان وقت يائرس نالي هڪڙو شخص جيڪو يهودين جي مقامي عبادت‌خاني جو اڳواڻ هو، سو عيسيٰ وٽ اچي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”منهنجي گھر هلو.“