Luke 8:49 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
اڃا هن ڳالهايو ئي بيٺي تہ عبادتخاني جي سردار جي گهر مان ڪنهن اچي چيو، تہ تنهنجي نياڻي مري ويئي، هاڻي اُستاد کي تڪليف نہ ڏي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اڃا ھن ڳالھايو ئي بيٺي تہ عبادت⁠گاھہ جي اڳواڻ جي گھر مان ڪنھن اچي يائرس کي چيو تہ ”تنھنجي ڌيءَ مري ويئي. ھاڻي استاد کي تڪليف نہ ڏي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اڃا هن ڳالهايو ئي بيٺي تہ ڀڳتيءَ واري جاءِ جي انهيءَ اڳواڻ يائرس جي گھر کان ڪنهن اچي کيس چيو تہ ”تنهنجي ڌيءَ مري ويئي. هاڻي گروءَ کي تڪليف نہ ڏي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اڃا هن ڳالهايو ئي بيٺي تہ عبادت‌خاني جي انهيءَ اڳواڻ يائرس جي گھر کان ڪنهن اچي کيس چيو تہ ”تنهنجي ڌيءَ مري ويئي. هاڻي استاد کي تڪليف نہ ڏي.“