Luke 8:55 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ منجهس ساهہ وري اچي پيو، ۽ هوءَ يڪدم اُٿي ويٺي، ۽ هن حڪم ڏنو تہ ڪي کائڻ لاءِ ڏيوس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تڏھن ھن ۾ وري ساھہ اچي پيو ۽ ھوءَ ھڪدم جيئري ٿي اٿي ويٺي. عيسيٰ حڪم ڏنو تہ ”ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيوس.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن هن ۾ وري آتما اچي پئي ۽ هوءَ هڪدم جيوت ٿي اُٿي ويٺي. تنهن تي ڪنيا جي ماتا پتا کي حيراني وٺي ويئي. يسوع حڪم ڏنن تہ ”هن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ پوءِ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”هي جيڪي ڪجھہ ٿيو آهي، تنهن جي ڪنهن سان بہ ڳالهہ نہ ڪجو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هن ۾ وري ساهہ اچي پيو ۽ هوءَ هڪدم جيئري ٿي اُٿي ويٺي. تنهن تي ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کي حيراني وٺي ويئي. عيسيٰ حڪم ڏنن تہ ”هن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ پوءِ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”هي جيڪي ڪجھہ ٿيو آهي، تنهن جي ڪنهن سان بہ ڳالهہ نہ ڪجو.“