Luke 9:11 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جڏهن ميڙاڪن کي انهيءَ ڳالهہ جي سُڌ پيئي، تڏهن اُهي بہ سندس پٺيان اُٿي هليا: ۽ هو ساڻن خوشيءَ سان گڏيو، ۽ کين خدا جي بادشاهت جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو، ۽ جيڪي چڱي ڀلي ٿيڻ جا محتاج هئا، تن کي چڱو ڀلو ڪيائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جڏھن ماڻھن جي ميڙن کي انھيءَ ڳالھہ جي خبر پيئي، تڏھن اھي بہ عيسيٰ جي پٺيان اٿي ھليا. ھو انھن سان خوشيءَ سان مليو ۽ کين خدا جي بادشاھت جون ڳالھيون ٻڌائڻ لڳو ۽ جن کي شفا جي ضرورت ھئي تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيائين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر جڏهن ماڻهن جي ميڙن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن اهي بہ يسوع جي پٺيان اچي وٽس پهتا. هو انهن سان خوشيءَ سان مليو ۽ کين ايشور جي راڄ جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لڳو، جنهن کي ان جي ضرورت هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جڏهن ماڻهن جي ميڙن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن اهي بہ عيسيٰ جي پٺيان اچي وٽس پهتا. هو انهن سان خوشيءَ سان مليو ۽ کين خدا جي بادشاهيءَ جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لڳو، جنهن کي ان جي ضرورت هئي.