Luke 9:12 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اڃا سج لهڻ تي هو، تہ اُنهن ٻارهن کيس اچي چيو تہ ماڻهن کي موڪل ڏي تہ اوسي پاسي وارن ڳوٺن ۽ ٻنين ۾ وڃي ٽڪن، ۽ کائڻ پيئڻ جو ڪو بلو ڪن، ڇالاءِ جو اسين هت سُڃي هنڌ ۾ آهيون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن سج لھڻ تي ٿيو تہ ٻارھن شاگردن اچي عيسيٰ کي چيو تہ ”ماڻھن کي موڪل ڏيو تہ اوسي⁠پاسي⁠ وارن ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ وڃي ٽڪن ۽ کائڻ پيئڻ جو بلو ڪن، ڇاڪاڻ⁠تہ اسين ھت سڃي ھنڌ ۾ آھيون.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن سج لهڻ تي ٿيو تہ انهن ٻارهن چيلن اچي يسوع کي چيو تہ ”ماڻهن کي آگيا ڏيو تہ اوسي‌پاسي وارن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي رهن ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪن، ڇاڪاڻ تہ اسين هِت ويران هنڌ تي آهيون.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن سج لهڻ تي ٿيو تہ انهن ٻارهن شاگردن اچي عيسيٰ کي چيو تہ ”ماڻهن کي موڪل ڏيو تہ اوسي‌پاسي وارن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي رهن ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪن، ڇاڪاڻ تہ اسين هِت ويران هنڌ تي آهيون.“