Luke 9:38 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ڏسو، اُنهي ميڙاڪي مان هڪڙي ماڻهوءَ واڪو ڪري چيو، تہ اي اُستاد، آئون توکي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي پٽ کي اچي ڏس، ڇوتہ هو منهنجو سڪيلڌو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھڪ ماڻھوءَ ميڙ مان رڙ ڪري چيو تہ ”اي استاد! آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ منھنجي پٽ کي ھلي ڏسو، ڇوتہ اھو منھنجو سڪيلڌو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن انهيءَ ميڙ مان هڪڙي ماڻهوءَ رڙ ڪري چيو تہ ”اي گرو! آءٌ اوهان کي وينتي ٿو ڪريان تہ منهنجو پٽ جنهن ۾ ڀوت آهي تنهن کي هلي ڏسو، ڇو تہ اهو منهنجو سڪيلڌو پٽ آهي. جڏهن اهو ڀوت اچي ٿو وٺيس، تہ هو اوچتو وٺيو رڙيون ٿو ڪري ۽ ڀوت اهڙو ٿو گھُٽيس جو گِگَ پئي وهيس ۽ ڏاڍا ايذاءَ ڏيندي مس مس ٿو منجھانئس نڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن انهيءَ ميڙ مان هڪڙي ماڻهوءَ رڙ ڪري چيو تہ ”اي استاد! آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو پٽ جنهن ۾ ڀوت آهي تنهن کي هلي ڏسو، ڇو تہ اهو منهنجو سڪيلڌو پٽ آهي. جڏهن اهو ڀوت اچي ٿو وٺيس، تہ هو اوچتو وٺيو رڙيون ٿو ڪري ۽ ڀوت اهڙو ٿو گھُٽيس جو گِگَ پئي وهيس ۽ ڏاڍا ايذاءَ ڏيندي مس مس ٿو منجھانئس نڪري.