Luke 9:41 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن يسوع ورندي ڏيئي چيو، تہ اي بي اعتقاد ۽ ضدي قوم، آئون اوهان سان ڪيستائين هوندس، ۽ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ پنهنجي پٽ کي هتي وٺي اچ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”اي بييقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان سان ھوندس ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ پنھنجي پٽ کي ھيڏانھن وٺي اچ.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي يسوع چيو تہ ”اي بيوشواس ۽ ڀَٽڪيل قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان سان هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟“ پوءِ هن ڇوڪري جي پتا کي چيو تہ ”پنهنجي پٽ کي مون وٽ آڻ.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”اي بييقين ۽ گمراهہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان سان هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟“ پوءِ هن ڇوڪري جي پيءُ کي چيو تہ ”پنهنجي پٽ کي مون وٽ آڻ.“