Luke 9:48 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هنن کي چيائين، تہ جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي نالي قبول ڪندو، سو مون کي قبول ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو مون کي قبول ڪندو، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي: ڇالاءِ جو جيڪو اوهان سڀني ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو ٿيندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو ھن ننڍي ٻار کي منھنجي ڪري قبول ڪندو، سو ڄڻ تہ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو ڄڻ انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اوھان سڀني ۾ ننڍو آھي سو ئي وڏو ٿيندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ چيلن کي چيائين تہ ”جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن ايشور کي قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي نظر ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن خدا کي قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي نظر ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو آهي.“