Luke 9:7 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي اهو سڄو احوال چوٿينءَ پتيءَ جي حاڪم هيروديس جي ڪَن پيو، ۽ هو ڏاڍو اچي مُنجهيو، جو ڪن پئي چيو تہ يوحنا مُئن مان جي اُٿيو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھاڻي جڏھن سڄو احوال گليل جي حاڪم ھيروديس جي ڪن تي پيو تہ ھو ڏاڍو اچي پريشان ٿيو، ڇالاءِجو ڪن پئي چيو تہ ”يحيٰ مئلن مان جيئرو ٿيو آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن يسوع بابت سڄو احوال گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جي ڪَن تي پيو تہ هو مونجھڪاري ۾ پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ ڪن ماڻهن پئي چيو تہ ”يوحنا مئلن مان جيوت ٿيو آهي،“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن عيسيٰ بابت سڄو احوال گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جي ڪَن تي پيو تہ هو مونجھڪاري ۾ پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ ڪن ماڻهن پئي چيو تہ ” يحيٰ مئلن مان جيئرو ٿيو آهي،“