Malachi 1:13 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين ائين بہ ٿا چئو تہ ڏس هيءَ ڪهڙي بيزار ڪندڙ شيءِ آهي! ۽ اوهان اُنهيءَ تي نڪ موڙيو آهي؛ اوهان لُٽ جو مال، منڊو ۽ بيمار نذرانو ڪري آندو آهي: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو آءٌ اوهان جي هٿان وٺندس ڇا؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين ائين بہ ٿا سوچيو تہ ’هيءَ ڪهڙي نہ اسان سان جٺ آهي،‘ سو اوهين انهيءَ تي منهن ۾ گھنج ٿا وجھو. اوهين زوريءَ کسيل، منڊا ۽ بيمار جانور قربانيءَ لاءِ آڻيو ٿا، ڇا آءٌ اهي اوهان جي هٿان قبول ڪندس؟