Malachi 1:4 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي جيڪڏهن ادوم چوي تہ اسين سُڃا ٿي ويا آهيون، پر وري موٽي اچي ويران جڳهن کي اڏينداسين؛ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ ڊاهي ڇڏيندس: ۽ ماڻهو انهن کي شرارت جي حد سڏيندا، يعني اُها قوم جنهن تي خداوند هميشہ غضبناڪ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻي جڏهن عيسوءَ جو اولاد ادومي چوي تہ ”اسين برباد تہ ٿي ويا آهيون، پر انهن کنڊرات کي وري اچي اڏينداسين،“ تڏهن قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ اهي ڊاهي ڇڏيندس. ماڻهو انهن جي ملڪ کي بڇڙائيءَ جو ملڪ ۽ کين اهڙي قوم سڏيندا جنهن تي هميشہ مون خداوند جو قهر هجي.“