Mark 1:34 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ڪيترا ماڻهو جي طرح طرح جي مرضن ۾ گرفتار هئا، تن کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين، ۽ ڪيترن جا ڀوت ڪڍيائين؛ ۽ انهن ڀوتن کي ڳالهائڻ نٿي ڏنائين، جو هو کيس سڃاڻندا هئا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ ڪيترن ئي مرضن جي بيمارن کي شفا ڏني ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. ھن ڀوتن کي ڳالھائڻ جي اجازت ئي نہ ڏني، ڇالاءِجو اھي عيسيٰ کي سڃاڻن پيا تہ ھو ڪير آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع ڪيترن ئي بيمارن کي مختلف مرضن کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. هن ڀوتن کي ڳالهائڻ جي آگيا ئي نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ اهي يسوع کي سڃاڻن پيا تہ هو ڪير آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ ڪيترن ئي بيمارن کي مختلف مرضن کان شفا ڏني ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. هن ڀوتن کي ڳالهائڻ جي اجازت ئي نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ اهي عيسيٰ کي سڃاڻن پيا تہ هو ڪير آهي.