Mark 1:45 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر هن اها ڳالهہ ايتري وڃي هلائي ۽ ظاهر ڪئي، جو يسوع ڪنهن بہ شهر ۾ کليو کُلايو گهڙي نٿي سگهيو، پر ٻاهر ويران هنڌن ۾ وڃي رهيو، جتي سڀني پاسن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر ھن وڃي جتي ڪٿي اھا خبر ٻڌائي، سو ڳالھہ ايتري تہ ھُلي ويئي جو عيسيٰ پوءِ ڪنھن بہ شھر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو، پر ٻاھر ويران جاين ۾ رھيو جتي ماڻھو سڀني ھنڌن کان پئي آيا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر هن وڃي اها ڳالهہ جتي ڪٿي ٻڌائي ڇڏي، جيڪا ايتري تہ پکڙجي ويئي جو پوءِ يسوع ڪنهن بہ شهر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو. پر هو ٻاهر ويران جاين ۾ ٿي رهيو جتي سڀني هنڌن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر هن وڃي اها ڳالهہ جتي ڪٿي ٻڌائي ڇڏي، جيڪا ايتري تہ پکڙجي ويئي جو پوءِ عيسيٰ ڪنهن بہ شهر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو. پر هو ٻاهر ويران جاين ۾ ٿي رهيو جتي سڀني هنڌن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.