Mark 10:14 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
سو جڏهن يسوع اهو حال ڏٺو، تڏهن ڪاوڙجي هنن کي چيائين تہ ننڍڙن ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو؛ ۽ انهن کي منع نہ ڪريو: ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت اهڙن ئي جي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن عيسيٰ اھو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنھنجن شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو ۽ انھن کي نہ جھليو، ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن يسوع اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي چيلن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن عيسيٰ اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.